ٻٽ سرائي

ٻٽ سرائي

ٻٽ سرائي

ٻٽ/ ٻُٽ سِرائي: هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ آباد ٿيو. سنڌ تي مغلن جي قبضي خلاف ويڙهه لاءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي، بهاولپور رياست جي عباسي حڪمرانن کان افرادي قوت جي مدد گهري. مدد ۾ آيل لشڪر ۾ سرائڪي ڳالهائيندڙ ڪيترائي قبيلا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. جن ۾ هڪ قبيلو ”ٻُٽ“ هو. ايٽڪن واري گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته ”جن قبيلن جي حوالي زمين کيڙڻ يا زمينداري پيشي جي ذميواري ڏني وئي، انھن کي ڪلهوڙن ”سرائي“ جو لقب ڏنو. انهي لقب ڪري هيءُ ”ٻُٽ سرائي“ سڏجڻ لڳا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’جامع سنڌي لغت‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”ٻٽ ھڪ ذات جو نالو آھي، ’سرائي‘ سِري جي رهندڙ ۽ چڱي مڙس کي سڏيو ويندو آھي.“ جيئن ته ھن ڳوٺ ۾ پھريان ”ٻٽ“ اچي آباد ٿيا، تنھنڪري سندن ئي نالي پٺيان ھن ڳوٺ تي ”ٻٽ سرائي“ نالو پيو. ان کان پوءِ ”اسراڻ“ قبيلو اچي آباد ٿيو، جن ”نئين ديري“ واري علائقي مان ”راشدي“ پيرن کي ھتي آڻي آباد ڪيو. ابتدائي طرح ”راشدين“ مان وڏو پير سائين محمد پناهه شاهه، ”پير پنھل“، حضرت روضي ڌڻي محمد راشد جن جو ڀائٽيو ۽ نياڻو ھو، جيڪو پنھنجي خاندان سميت اچي ھتي رھيو. سندس مزار به اتي ئي آھي. ان وقت پيرن سان گڏ سندن خدمتگار به آيا، جيڪي پاڻ کي خاصخيلي سڏائڻ لڳا، بعد ۾ ٻين به ڪيترين ذاتين جا ماڻھو ھتي اچي آباد ٿيا، جن ۾ شيخ، پتافي، پنھور، ساند ۽ سومرا وغيره شامل آھن. ھندو به ھتي رھندا ھئا، اھڙيءَ طرح مختلف ھنرمند، جھڙوڪ ڪنڀر، ڊکڻ، حجم، ميراثي، لورا ۽ ڌوٻي وغيره به مختلف ھنڌن تان لڏي اچي، ھن ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. ٻٽ سرائي ڳوٺ تعليم جو به مرڪز رھيو آھي. ھتي قديم زماني کان ھڪ ديني مدرسو ۽ انگريزن جي زماني کان وٺي ھڪ گورنمينٽ پرائمري اسڪول پڻ قائم ٿيل آھي، جتي اڳ سنڌي ستن درجن تائين تعليم ڏني ويندي ھئي. انھيءَ اسڪول مان فارغ ٿيل ڪيترائي شاگرد وڏن عھدن تائين پھتا. جھڙوڪ: سپرنٽينڊنٽ انجنيئر، چيف انجنيئر، صوبائي سيڪريٽري، ڊپٽي ڪليڪٽر، ايڊيوڪيشنل ڊائريڪٽر، استاد، مختيارڪار، اسيمبلي ميمبر ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ جا صلاحڪار وغيره شامل آھن. صوبائي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر منور علي ٻٽ ۽ مشھور اسڪالر ڊاڪٽر الھرکيو ٻٽ به ھن ڳوٺ جا رھاڪو ھئا. جڏهن ته ايم. پي. اي فياض ٻٽ، اديبن ۾: ڪليم ٻُٽ، ڊاڪٽر آدم ٻٽ ۽ منور ٻٽ جو تعلق به هن ڳوٺ سان آهي. ھن وقت ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول، گورنمينٽ گرلز اسڪول، گرلز ووڪئشنل اسڪول ۽ گورنمينٽ ھاير سيڪنڊري اسڪول پڻ قائم آھن. ھن ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ پڻ موجود آھن. جتان جا ٻار، پنھنجن ڳوٺن ۾ اسڪول قائم ٿيڻ کان پھرين ڳوٺ ٻٽ سرائيءَ مان تعليم حاصل ڪندا هئا. ٻٽ سرائي کي 2008ع کان يونين ڪائونسل جو درجو مليل آھي. پڪي روڊ ذريعي ميھڙ ۽ راڌڻ شھرن سان ڳنڍيل آھي. ڳوٺ ۾ بجلي ۽ گئس جي سھولت، اٽي پيھڻ جون چڪيون ۽ سارين جو وڏو ڪارخانو به آھي. هن وقت ڳوٺ جي آبادي 5000 کان وڌيڪ آهي. • ٻٽ (ذات): ھڪ ذات جو نالو جيڪي اڪثر تعلقي ميھڙ، دادو ضلعي ۾ آباد آھن، هي اتر سنڌ کان آيل ’سرائي جت‘ آهن. پنجاب ۾ هنن کي ”بٽ سرائي“ چون.


لفظ ٻٽ سرائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو